خَنجَرُ بابت
معنيٰ
ڪٽار، ڇُرو، وڏو چاقو، هڪ مشھور ھٿيار جو نالو. ننڍي تلوار.
A dagger, big knife, knife, cutter

بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ، مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ، خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري، آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري، دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين، ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ، مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“ خَچَرَ کي ھَڻُ، سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ، پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ…[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]