خَنجَرُ جي سنڌي معنيٰ
ڪٽار، ڇُرو، وڏو چاقو، هڪ مشھور ھٿيار جو نالو. ننڍي تلوار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A dagger, big knife, knife, cutter
خَنجَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“ خَچَرَ کي ھَڻُ،
سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 8 ]
سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 8 ]
ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]