حَمِيرَنِ بابت
معنيٰ
حميرن جو، اميرن جو، يعني عمر سومري وارن جو. بھادرن، پھلوانن، سورمن، وِيرن، دِليرن، سُورِهين. (حمير: سنڌ تي حاڪم سومري گهراڻي سان آخرين بادشاھ جو نالو.)
Of Hameers, Riches, by the Umer Soormo. Braves, bravehearts. (Hameer was name of last king of Soomra dynasty in Sindh)
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڀَنِي سَمُنَ ڪاڪِ جِي، راڻَنِ حَمِيرَنِ، ھُئان موٽِئو ڪو نَہ ڪو، ھِئان لَکَ وَڃَنِ، وِيندي ويچارَنِ، عُذُرُ اوڏاھِين نَہ ڪِئو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين، تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون، حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو، ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ، حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اَڄُ اَڍانگا ويڻَ، مُون کي مُڪا جيڏيين، ھارِي حَمِيرَنِ جا، جِڪُس کاڌَئِي کيڻَ، ساڏوھِيُون ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون، لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ، صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ، حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]