حَسَنَ بابت
معنيٰ
حضرت علي عليہ السلام جو وڏو پٽ ۽ حضرت امام حسين جو وڏو ڀاءٌ
Imam Hassan (a.a) was the first son of Imam Ali ibn Talib (A.a) and Sayyida Fatima bint Muhammad (PBUH). He is described by Prophet Muhammad (PBUH) as a youth of paradise.
بيتن ۽ وائين ۾
- جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ، اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ، پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ، گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ، پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَہ ھِينئَڙي جارُ، خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري، عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڳِجُهون ڳوٺِ نَہ ھُونِ، وَتَن ڪِلي ڪوڏِيُون، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، لَمِئو لائون ڏِينِ، ڳُتا اُکولِينِ، چوٽا چُوڙِيرِنِ جا.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]