جَمالُ بابت
معنيٰ
سُونھن، حُسن، سوڀيا، خُوبصُورتي، رُوپ. زينت، سُھڻائي. ديدار.
Beauty, charm,
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ، پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ، پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ، ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- حييَئُون حالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ، نانهِن ڪِئائُون نَفسَ کي، مَنجهانَ زُھِدَ زَوالُ، لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا ، پاڻُ ڪِئائُون…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ”تو“ کي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ، ڪونِهي ٻِئو خَيالُ، جَي شارِڪَ شَڪُ وِڃائِيين.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خَيالُ، جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئو.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ، وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]