جَمالُ جي سنڌي معنيٰ
سُونھن، حُسن، سوڀيا، خُوبصُورتي، رُوپ. زينت، سُھڻائي. ديدار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beauty, charm,
جَمالُ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ،
پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سَڀَ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 18 ]

مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ،
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 1 ]

حييَئُون حالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ،
نانهِن ڪِئائُون نَفسَ کي، مَنجهانَ زُھِدَ زَوالُ،
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا ، پاڻُ ڪِئائُون پَئِمالُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جو جَمالُ،
نانگا ٿِي نِهالُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 6 ]

”تو“ کي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ،
ڪونِهي ٻِئو خَيالُ، جَي شارِڪَ شَڪُ وِڃائِيين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 8 ]

جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خَيالُ،
جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئو.
[ سُر آسا، مجازي مام، 12 ]

سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ،
وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن پَنوَھارَ جو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 6 ]