جَمالَ جي سنڌي معنيٰ
سُونھن، حُسن، سوڀيا، خُوبصُورتي، رُوپ. زينت، سُھڻائي. ديدار.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Beauty, charm, enchant, eye catching.
جَمالَ جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]

ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي،
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]

ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ،
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]

مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو، جَتَنِ جي جَمالَ،
ڪو جو سُورُ سَرِيرَ ۾، ڪِئو ڪيچِيَنِ جي ڪَمالَ،
ھوتَ نَہ ڀائِي حالَ، موٽِي ٿِيا مَعذُورِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 14 ]

لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پيتائُون ڪالَهہ،
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ،
پَرِيءَ کان پاسي ٿِئا، اِي مامويَنِ مِثالَ،
جانِبَ جي جَمالَ، رَڱي سَڀَ ريٽو ڪِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 5 ]

آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ ڏِٺَئِي گُجَرِيُون،
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]

ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا،
گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ،
جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،
وَتَنِ ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
ووءِ ووءِ تَنِ نَہ وِسَرِي، ھوءِ تَنِي جي حالَ،
کامِي کُوري وِچَ ۾، پاڻان ٿِئَڙا پَيمالَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ،
اُڀِي اوطاقُنِ ۾،ڪَرَ موڙِئائُون ڪالَهہ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، جَڏا مَنجِهہ جَمالَ.
[ سُر پورب، وايون، 8 ]

وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري،
جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري،
پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ نيڻَ ٺَري،
پِرِيتَئون پيرَ ڀَري، ڪِجِ زِيارَتَ ذَوقَ سين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 20 ]

ڪِي جَو وَڃِي ڪالَهہ، اَکِيُون پَسِي آيُون،
لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جي جَمالَ،
سي ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلبَرُ ديکِئو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 8 ]