جاڳَ بابت
معنيٰ
سُجاڳي، بيداري، اوجاڳو، سارَ، سنڀال، سُڌ، خَبَرَ.
Wakefulness, sleeplessness.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڌات، جاڳَڻُ جُسَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا، اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ، جيڏِيُون جي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو، راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ، سيڄَ سُتي نُون جَپِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ، اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ، جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، جاڳَرُ جوڳِيَڙَنِ جو، ساري سَناسِيَنِ کي، جانۡ رُوندِينءَ تانۡ رو، پَسُ پاسِئان تو، لاھُوتِي لَڏي وِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آھي اللهَ جَنِ کي، لاھي ٿو لَطِيفُ چئَي، مَٿان قَلبَ ڪَسُ، وَرَنھَ ڪِجاھُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيِّدُ…[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- سُتي جا ساڃاءِ، سا جاڳَندي نَہ ٿِيي، تِھان پوءِ مُون ماءِ، نيڻَ ھيرايا نِنڊَ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سَھِسين مِڙي سِيارِڙا، جَنبُو جاڳَرَ ڪَنِ، ڪيھَرَ ڪَنُ نَہ اُڊَڪي، ڊاءِ ڊِڄي تَنِ، گِدَڙَ مَرُ گِرَنِ، سِينھَن نَہ ڌيڄو دِلِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]