تِکو بابت
معنيٰ
تيز رفتار. سراڻ چڙهيل اوزار، جلد، شتاب، تڪڙو. هوشيار، چالاڪ. بلڪل پورو ذرو بہ گهٽ نہ. ڪڙو، تلخ. چيڙاڪ.
Speedy, fleet, active, quick, vivid, rapid, strong a stream, sharp, keep, pure as gold, fiery as pepper, a fire etc.
بيتن ۽ وائين ۾
- سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي، طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ، مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين، وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين، ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ آءُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ، آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ اَچُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ، ساڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجهان سي…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]