بِنان بابت
معنيٰ
بِنا، کانسواءِ، بغير، ڌاران، علاوہ.
Without, except.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو، آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو، ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ، اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ، وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي، مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ، سِڪان ٿِي سِنگهارَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جامو جامَ ، سَمَرَ بِنان سَرَتِيُون، ڪَھَ ۾ گِهڙِي ڪا مَ، بِنان مُحَّمَدُ ڄامَ، ڪونِهي…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي، چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي، پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- اَدِيُون آرِيچَنِ ڏي، ڇَپَرِ ويندِيَسِ ڇو نَہ، مُحَرَمُ مُنھِنجي حالَ جو، بِنان ڪيچيَنِ ڪو نَہ، جيڏِيُون ڙِي جيڏونِ، سُورُ پِرايُمِ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان ڀَڳوانَ بِنان رَحمانَ، پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- تو دَرِ آيَسِ سامَ، ڄامَ سَما سامَ تُنھِنجي، نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ، آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]