اَوَڳُڻَ بابت
معنيٰ
خراب لڇڻ، بڇڙيون خصلتون، بدعادتون. بڇڙا ڪم. عيب، گهٽتائيون، نقص، بُرائيون.
Bad habits, faults, sins, badnesses.
بيتن ۽ وائين ۾
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا ڇَڏِ رِياءُ، ميٽِ مَدايُون موٽُ تُون، ڪَري نِرتِ نِياءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي، ڪونِهي سُونھَن…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ، مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ، اَوَڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪَثافَتَ جا ڪاڪِ جِي، مَينڌَري مِٽِئامِ، اَوَڳُڻَ عَيبَ سَندامِ، سَڀَ ڍولي ڍَڪي ڇَڏِئا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا، جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ، سائِينءَ لَڳِ…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ ڏي، اَڳِئان اَکِيُنِ سامُھان، اُڀائِي آھِين، اَوَڳُڻَ پاسي ٿِيَنِ، تَہ ڍولا ڪَنھِن…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نِئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ سين، تيلاھِين ٿِئامِ، سُکِنَئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين، پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ، مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،…[ سُر مارئي - وايون ]