اَمُنُ بابت
معنيٰ
شانتي، آنند، صلح، سانت، پناھ، حفاظت، سلامتي، بچاءُ، آرام، عافيت، سک.
Peace, Safety, protection.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ، اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ، ڀَلا ڪَري…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ، رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ، پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي، آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ، اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]