اَلِفَ بابت
معنيٰ
”عربڪ پرسو لکت واري الف ، بي“ جو پھريون اکر. اسلام ۾ ”الله“ جي معنيٰ ڏيکاريندڙ.
First letter of Arabic Perso alphabet. In Islam this is sign of Allah name. Alpha.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ، اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين، اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچي رَھِئو رُوحَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جَي ھَرائِيَين ھِيَين تي، سَندِي اَلِفَ اوڙِ، تَہ ڪِتابَنِ ڪوڙِ، مَنجهان تو مَعلُومُ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ جَو اَلِفَ جو، سو مَ ھِنيَين سَڃِ، جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئان اَڳِرِي، اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ، جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ، سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ، اَلِفَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ، ٻُڌائُون…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا، آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون، جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن…[ سُر پورب - وايون ]
- وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي، آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي، چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]