اَسُونھِين بابت
معنيٰ
اڻ ڄاڻ، ناواقف، جيڪا سونھين نہ هجي.
One who don't know, aloof
بيتن ۽ وائين ۾
- ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين، جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ، پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان. ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ، جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان، لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان، ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان، جانِبُ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين، پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين، سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين، ھارِي ڪِيئَن…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون، چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون، موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڏانگهَنِئُون ڏيرَنِ، جي ھُوندَ آندا ٻَڙِدَ ڀَنڀورَ ۾، کُڙِيءَ کُڙِڪو اُنِ جو، سُتي سُئو سَڀَنِ، ھَڻِي چِيلَ چَرا ڪِئا، وَھِ…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاھَرا، ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ، ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ مِڙُوئِي مُون، آئُون اَسُونھِين اُو سُونھان، پِرِين ڀَلا پَرڀُون، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جو، پاندُ نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]