آڳَھُ بابت
معنيٰ
جهَلي، وسيلي، ڀروسي، آڌار، ٽيڪ، پُشتي، پناھ، اڳواڻ، سوھين.
Help, support, helper, leader.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ، لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ، تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ آءُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ، آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اوکِيءَ آڳَھُ آھي، وو آھي، مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين، آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي، پُڇي پوءِ پِئَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي، ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي، آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]