گِيرَبُ بابت
معنيٰ
تڪبر. مغروري، گهمنڊ، شيخي، هَٺُ، وڏائي، فخر، تڪبر، بي پرواهي، غرور، وڏَنءُ، هُوءِ، ڦونڊَ، آڪڙ.
Pride, haughtiness.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري، ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي، دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان، سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ، جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- گِيرَبُ نَہ گاءُ، مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ، سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]