گِيرَبُ جي سنڌي معنيٰ
تڪبر. مغروري، گهمنڊ، شيخي، هَٺُ، وڏائي، فخر، تڪبر، بي پرواهي، غرور، وڏَنءُ، هُوءِ، ڦونڊَ، آڪڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pride, haughtiness.
گِيرَبُ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري،
ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي،
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،
مَن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن ، اِنَ ريءَ اُونداھِي،
ھُوءَ جا ھَلِي ھيڪَلِي، گِيرَبُ گَنوائِي،
بِلَا شَيۡخ مَنۡ يَّمۡشِيۡ فِي الطرِيۡقِ ڪَمَنۡ يَّشۡمِيۡ فِي الۡبَحۡرِ بِلَا سَفِيۡنَةٍ ، اِھَڙِي اَوائِي،
تَنھِن ريءَ تَوائِي، ڪوڙيِين ٿِيَنِ ڪيتِريُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 7 ]

ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان،
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
گِيرَبُ نَہ گاءُ، مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾،
نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ،
سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 7 ]
نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ،
سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 7 ]
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 30 ]
ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 30 ]
English Meaning
Pride, haughtiness.