گُهرَنِ بابت
معنيٰ
چاھِينِ، تقاضا ڪن، خواھش ڪن، مرضي ڏيکارن، چاھ ڪن، طلب ڪن، دعويٰ ڪن، استدعا ڪن.
Wanting, begging, asking
بيتن ۽ وائين ۾
- سِسِي سي گُهرَنِ، جٖي واڻيندَلَ وِچَ ۾، اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين، دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ، ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- آيا پِرِين گُهرَنِ، اوتارا اَکِيُنِ ۾، ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ، آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران، مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران، پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ سُمَهِي، بُکَ مَرَندي بِکِئا، ڪَنھِن کان ڪِينَ گُهرَنِ، ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳِئا پِنِي ماٺِ جِي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ روشِ رَوَنِ، نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ، نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ، ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ، ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گهُران، ساڏوهِيُون ۽ سَرَتِيُون، هِنيين مَنجِهہ هُرَنِ، ھِڪُ لِڱَين لوھَ چُرَنِ، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گُهران جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]