ڪِتو بابت
معنيٰ
ڪَرتو، ڏاس ڪِتو، ڪپھ، سِڻِي وغيرہ کي ڍيري يا چرخي وسيلي. وڪڙ ڏيئي ڌاڳو تيار ڪيو، سُٽ تيار ڪيو، ڌاڳو ٺاھيو.
Spinned. Made threads from cotton or jute.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ، ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- پيرِين ۽ ڀانيَين، اِيئَن وِڏو ھِيُئِي ڪانڌُ، ويٺِي وارِ اَرٽَ سين، ڳِچِيءَ پايو پاندُ، تَہ تُنھِنجو وِڙواندُ، ڪِتو وِتو نَہ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سي اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، اَرٽَ اُکَلِي مالَهہ، پُوري ويئُون نِجُهرا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، سي پاڻان پييُون مامِري، جَنِي ٽَڪُ نَہ مالَهہ، سَرَھِيُون سي صَرافَ سين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]