ڪاڇي بابت
معنيٰ
ڪاڇي ۾. (باجاري ۽ ٽنڊي رحيم خان کان وٺي اُتر سنڌ جي سرحد تائين سنڌ جي دادو ضلعي جو الهندي ڀاڱي. جبلن جي ڀرواري ميدان. جبل جي ڪَڇُ.)
In Kachho. (Kachho or Kachho Desert is a semi desert area of Sindh, Pakistan. The Kachho is denoted from word of Sindhi language Kachh which stands for a lap or an armpit.)
بيتن ۽ وائين ۾
- سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو، سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو، مادَرِ ھُئا مَلُوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪاڇي ڪاھِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو، مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪاڏي وِئا سَنگهارَ، جٖي ھِتِ ھُئا ھِنِ ڀيڻِيين، ڪاڇي ٻِنِهي پارِ، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو، سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ، ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀِي ڍَنگهَرَ ڍارَ، وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ ھَڻِئو، سُئِم جي سُوارَ، ڪاڇي ٻِنِهي پارَ، ڌاڪو ھِنِ جو دِسِيين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اَڄُ گهُرجين يارَ، بَڊاماڻِي بُنِرا، ڪاڇي ٻَئي ٻارَ، اَچي ويرِيَنِ ويڙِھِئا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون، حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو، ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ…[ سُر ڏھر - وايون ]