ڪاڇي جي سنڌي معنيٰ
ڪاڇي ۾. (باجاري ۽ ٽنڊي رحيم خان کان وٺي اُتر سنڌ جي سرحد تائين سنڌ جي دادو ضلعي جو الهندي ڀاڱي. جبلن جي ڀرواري ميدان. جبل جي ڪَڇُ.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In Kachho. (Kachho or Kachho Desert is a semi desert area of Sindh, Pakistan. The Kachho is denoted from word of Sindhi language Kachh which stands for a lap or an armpit.)
ڪاڇي جا بيتن ۾ حوالا
سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو،
سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 1 ]
سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 1 ]
ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو،
مادَرِ ھُئا مَلُوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 2 ]
مادَرِ ھُئا مَلُوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 2 ]
وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون،
حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو،
ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ ھارِئو،
سيئِي ماري ھَلِئا، جِيئَڙو جَنِ جِيارئو،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، جهوڪُنِ ٿي جُهڻِڪارِئو.
[ سُر ڏھر، وايون، 4 ]
حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو،
ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ ھارِئو،
سيئِي ماري ھَلِئا، جِيئَڙو جَنِ جِيارئو،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، جهوڪُنِ ٿي جُهڻِڪارِئو.
[ سُر ڏھر، وايون، 4 ]
اَڄُ گهُرجين يارَ، بَڊاماڻِي بُنِرا،
ڪاڇي ٻَئي ٻارَ، اَچي ويرِيَنِ ويڙِھِئا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 9 ]
ڪاڇي ٻَئي ٻارَ، اَچي ويرِيَنِ ويڙِھِئا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 9 ]
ڪاڇي ڪاھِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو،
مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 3 ]
مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 3 ]
ڪاڏي وِئا سَنگهارَ، جٖي ھِتِ ھُئا ھِنِ ڀيڻِيين،
ڪاڇي ٻِنِهي پارِ، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 5 ]
ڪاڇي ٻِنِهي پارِ، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 5 ]
رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀِي ڍَنگهَرَ ڍارَ،
وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ ھَڻِئو، سُئِم جي سُوارَ،
ڪاڇي ٻِنِهي پارَ، ڌاڪو ھِنِ جو دِسِيين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 19 ]
وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ ھَڻِئو، سُئِم جي سُوارَ،
ڪاڇي ٻِنِهي پارَ، ڌاڪو ھِنِ جو دِسِيين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 19 ]
نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو،
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]