ڪامُ بابت
معنيٰ
ڪمُ، فعل، ڪار، ڪارج، حاجَ. ڌنڌو، پيشو، هُنر، حرفتَ، مشغولي، ڪرت، پورهيو. عَملُ، شُغُل، لايو لڳايو، ڪشالو، پورهيو ڪارهيو.
Business, work, act, affair, duty, occupation, use.
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو، راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ، سيڄَ سُتي نُون جَپِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڪامُون سَھُ مَ ڪَرَھا، بانٺا سَھُ مَ بُٺَ، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ھوري ھَلُ مَ اُٺَ، پِرِين پَرچايُون، رُٺَ، ڏِٺي…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ، ڪامُون ھَڻِئو ڪَرَھا، ڪاھِيو ڪيچِ وَڃَنِ، مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ، ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ، گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ، ٻَڌا ڏورِيءَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾، پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ، مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،…[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين، گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ، سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي…[ سُر مارئي - وايون ]