ڏوھَ بابت
معنيٰ
گُناھ، پاپ، تَقصِير، اپراڌَ، قصور، جُرم، دوش، الزام. خطائون، ڀل، چُڪون، غلطيون، عيبَ، سُقم. عِتاب، ميارون، حرف.
Sins, crimes, mistakes, blunders.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾، تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو، ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا، پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ، ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ، ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو، مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ، جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ، لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي ذاتِ، عَيبَ نَہ آڇي واتِ، جَي ڏِسي ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مَدِيني جا ڌَڻِي، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، خَطائُون کَڻِي، ڏِٺا ڏوھَ بَخشِيين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ماڙِيءَ چَڙِھِي ڏِٺامِ، پَکا پَنوَھارَنِ جا، ھِڪُ اڳيئِي سُهِڻام ٻِئو ويتَر مِينھَن اُٺانِ، ڪِھَڙا ڏوھَ ڪِئامِ، جِيئَن ھُو مَلِيرِ آئُون…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]