ڌَڻَ بابت
معنيٰ
چوپائي مال جا ولر، وڳ، وَڳرَ، گَلو، گَلَرَ، ميڙ، مجموعا، گوھر، ڇانگ، ٽولا.
Herds, packs, flocks, collections.

بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين، تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين، ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي، اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي، ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي، وِھو…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا، توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ، اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي، مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي، وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- سِنجَنِ ۽ ساڳِينِ، ڌِڪو نَہ ڏِينِ ڌَڻَ کي، پايو دوڳُ دَرِنِ ۾، پَھُون پِيارِين، اِهَڙائِي آهِينِ، مُنھِنجا مِٽَ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]