ڌَڻَ جي سنڌي معنيٰ
چوپائي مال جا ولر، وڳ، وَڳرَ، گَلو، گَلَرَ، ميڙ، مجموعا، گوھر، ڇانگ، ٽولا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Herds, packs, flocks, collections.
ڌَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا،
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي،
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
سِنجَنِ ۽ ساڳِينِ، ڌِڪو نَہ ڏِينِ ڌَڻَ کي،
پايو دوڳُ دَرِنِ ۾، پَھُون پِيارِين،
اِهَڙائِي آهِينِ، مُنھِنجا مِٽَ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 12 ]
پايو دوڳُ دَرِنِ ۾، پَھُون پِيارِين،
اِهَڙائِي آهِينِ، مُنھِنجا مِٽَ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 12 ]
English Meaning
Herds, packs, flocks, collections.