چَنڊُ بابت
معنيٰ
چَندرَ، قمر، ماهتاب، چَندِرُ، چَندِرُ مانُ. (اوائلي نالو مَئڻو)
The moon, the first day of the Islamic month being that when the new moon shows itself.

بيتن ۽ وائين ۾
- تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي، آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي، ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ، چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آيو چَنڊُ چَڙِهي، چارِيءَ جو چَيو ڪَري، اُڀِيو اُتِ اَڙِي، جِتِ ڏِٺائِين پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ، سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ، جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڪينُون ڀائِي آکان ٻولِڪي، گهايَل ڪِيتِيَ مَين سُولِ سَڄَڻدي، چَنڊُ چَڙِهئا ڪُلُ عالَمَ ويکِئا، رانجُهو لَڌَڙُمِ ڳولِڪي، مَين رانجَهنِدِي رانجَهنُ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- تَڙِ تَماچِي آيو، مَٿي تَڙَ تَنھا، اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ، تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، بَدِ جَنِي ۾ بُوءِ، ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ، جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ھُيُون ڪوڙيِين ڪِينجُهرَ ڀَرِ، نُورِيءَ سين نِياءُ ٿِئو، گَندَرِي پَنھِنجِيءَ غَرِيبِيءَ سين، ٿِي سَڀَنؤُن سَرِ، سا مَرَڪي مِيرِبَحَرِ، جَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]