ڀُونءِ بابت
معنيٰ
ڀُون، زمين. آستانو، جڳھ، ماڳ، مڪان.
The earth, soil, ground.
بيتن ۽ وائين ۾
- جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي، وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڪُ ڀُونءِ مَنجِهہ ڪَسابَ، جي وَھَڻُ اَچِي ويلو ڪَري، اَچيسِ نَہ اوصافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري، سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو پيرِيين، جِئان مُنجَهڻُ ماڻُهين، سَڄَڻَ تِئائِين سَيرُ، اِنَ ڀُونءِ سَندو ڀيرُ، ڪوڙيِين مَنجهان ڪو لَھي.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- صادَئُون صَبُرُ سِکِئا، ڌُرِيانئي ڌُڻِي، اُبَٺِئا اِنَ ڳالِهہ تي، چِيرَنِ مَنجِهہ چُڻِي، اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ ، سَرَھا ٿِئا سُڻِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- آيُون ڍورِ ڍَرِي، اَصلَ سَندي آسِري، کَرِيھَرَ ڀُونءِ کَرِي، پيرَ ڏُکويا پَکَڻِين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]