پِياڪَنِ بابت
معنيٰ
پيڻ وارن، پيئندڙن. پيئڻ جا عادي، موالي.
Drinkers, addicts, those who habitual to drink.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو، وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ، سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو، پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ، ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو، قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو، اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]