پِياڪَنِ جي سنڌي معنيٰ
پيڻ وارن، پيئندڙن. پيئڻ جا عادي، موالي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Drinkers, addicts, those who habitual to drink.
پِياڪَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]

ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]

وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]