پَرتَوو بابت
معنيٰ
دَئو، روشني، شعاءُ، تجلو.عڪس، پاڇو.
Glorious, splendid, refulgent.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن جهالا ڏي، آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو راھَ رُئان گهَڻو.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو ڪِي ڇانئِين ڪِي اُسَ، قَريباڻِي ڪُسَ، آھي ڪَرِٻَ ڪَرِڙِي.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ، مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ، پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ، ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ، مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]