وِڄا بابت
معنيٰ
ڄاڻ، سکيا، علم، ويد، مھارت، علاج، سياڻپ، ڏاھپ
knowledge, science, skill, remedy, intellect, learning.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي، تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا، آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ، صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ، اَڄُ مُنھِنجو اَگِهئو، وِڄا جو واپارُ، ڪاٽِبو ڪَپارُ، مَٿو مُندائِتو ٿِئو.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين، ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ، لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي، سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي، جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]