واٽُون بابت
معنيٰ
رستا، دڳ
Ways, solutions
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيون، واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- لَڪَ تُنھِنجُو ڳالِهِيُون، مُون سين اوٺِيَنِ اَڳَ ڪِيُون، پَسِي پِيشيمانِيُون، ھاڙھو ھيڪَلِيُون، واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اَڄُ گُهرجين تُون ھِتِ بَڊاماڻِي بُنِرا، پَکَي پيئِي ڀِتِ، واٽُون ويرِيَنِ لايُون.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- اَڄُ گُهرجين تُون، بَڊاماڻِي بُنِرا، مَٿان اَچِي مُون، ويرِيَنِ واٽُون لايُون.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو، وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو، ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]