واٽُون جي سنڌي معنيٰ
رستا، دڳ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ways, solutions
واٽُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيون،
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 5 ]
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 5 ]
لَڪَ تُنھِنجُو ڳالِهِيُون، مُون سين اوٺِيَنِ اَڳَ ڪِيُون،
پَسِي پِيشيمانِيُون، ھاڙھو ھيڪَلِيُون،
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 13 ]
پَسِي پِيشيمانِيُون، ھاڙھو ھيڪَلِيُون،
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 13 ]
اَڄُ گُهرجين تُون ھِتِ بَڊاماڻِي بُنِرا،
پَکَي پيئِي ڀِتِ، واٽُون ويرِيَنِ لايُون.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 10 ]
پَکَي پيئِي ڀِتِ، واٽُون ويرِيَنِ لايُون.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 10 ]
اَڄُ گُهرجين تُون، بَڊاماڻِي بُنِرا،
مَٿان اَچِي مُون، ويرِيَنِ واٽُون لايُون.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 11 ]
مَٿان اَچِي مُون، ويرِيَنِ واٽُون لايُون.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 11 ]
اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو،
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان،
نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ،
اُپَڙِي نِتُ نِھارِيان، واٽُون ويراڳِينِ،
اُتَرُ اَجهو جَنِ جو، بُکَ بِکِيا تَنِ،
لوڪَ سُتي ڇَڏِئا، آسَڻَ آديسِيَنِ،
اَگَرُ چَندَنُ اُڀِري، مَنجهان دُودَ دُونھِيَنِ،
پَسِي آئُون پُرِ ٿِي، تَنِ صُورَتَ سَناسِيَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 21 ]