ميڙو بابت
معنيٰ
ملڻ جي حالت، ميل، ميلاپ، ميلو، گڏجاڻي، ميڙيل شيءِ. ماڻهن جو ميڙ، ميڙاڪو. گهڻن ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ (جتي ڪا درگاھ يا مزار وغيرہ هجي ۽ اتي ڪنھن خاص تاريخ تي گڏ ٿجي). ماڻهن جو گوڙ.
Sweepings, concord, agreement, connection, joining, an assembly or concourse of people for religious or commercial purposes, a fair.
بيتن ۽ وائين ۾
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين، ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِئاسِ، جَڏھِن ڍولي ڍيلِئاسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ، پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]