لوڙائُو بابت
معنيٰ
لُٽِيندڙ، ڦورو، ڌاڙيل، ڌاڙيوال، چور.
Looters, thieves, dacoits.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون ڏي، گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- لَکين لوڙائُو، سَھِسين آھِين سُڃَ ۾، بَرَ ۾ بُورائُو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڀُڄِئان ڀُلِي نِڱِئو، ڏيئِي پاٻوڙي پيرُ، جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ، ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابَ ۾، ڪَڇِ وِھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ، مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ، مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]