لوڙائُو جي سنڌي معنيٰ
لُٽِيندڙ، ڦورو، ڌاڙيل، ڌاڙيوال، چور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Looters, thieves, dacoits.
لوڙائُو جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون ڏي،
گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 31 ]
گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 31 ]
لَکين لوڙائُو، سَھِسين آھِين سُڃَ ۾،
بَرَ ۾ بُورائُو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 22 ]
بَرَ ۾ بُورائُو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 22 ]
ڀُڄِئان ڀُلِي نِڱِئو، ڏيئِي پاٻوڙي پيرُ،
جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ،
ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 8 ]
جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ،
ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 8 ]
جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ،
مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 1 ]
مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 1 ]
جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ،
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 2 ]
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 2 ]
ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابَ ۾،
ڪَڇِ وِھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 9 ]
ڪَڇِ وِھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 9 ]
English Meaning
Looters, thieves, dacoits.