لالائِي بابت
معنيٰ
ڳاڙهاڻ، لالاڻ. سرخروئي، خوش. لالي.
Redness.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ، ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري، ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي، دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي رِھاءِ، ڪانِيۡ ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ، اَکِيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَڻَ جِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي، لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن، ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]