قُوتَ بابت
معنيٰ
کاڄ، کاڌو، خوراڪ، طعام، غذا، چوڳ، چوڳو، خورش، روزي، رزق، کاڌو پيتو.
Food, diet, nutrition, nutrient, victuals, subsistence, fead.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ، چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ، چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ، جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ، ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ، ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ، رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ، جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طاماعُو، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو، اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ، اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون بُوءِ، وِئا نيرانا نِڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، اَوَسَرِ آسا اُوءِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ويڙِھِيُون جَنِ ٻانھُنِ ۾، ڍيرِيُون ٿا ڍيرِينِ، ڪوڪَڙُ پَنھِنجي قُوتَ لاءِ، وَڻَنِ ۾ ووڙِينِ، ٻِي ڀيلَ نَہ ڪا ڀيلِينِ، تَنِ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]