عَرَبِي بابت
معنيٰ
عرب جا، عرب ملڪ جا رھائشي.
Of or related with Arab.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ، اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ، نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي، روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي، ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پِرِھَ پَکِي آيو، صُبحِ سَوارو، روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو، مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پِرھَ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلائي، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي، اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]