عَرَبِي جي سنڌي معنيٰ
عرب جا، عرب ملڪ جا رھائشي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or related with Arab.
عَرَبِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ،
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]
پِرِھَ پَکِي آيو، صُبحِ سَوارو،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو،
مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 14 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو،
مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 14 ]
پِرھَ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلائي،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 15 ]
ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا،
چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي،
سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،
آھي اَڀاڳُ اُنِ کي، جَنِي واٽَ وِڃائِي،
ري فَضُلَ رَبَ جي، مُوران ماڙِ نَہ ڪائِي،
آيا مَلَڪَ اللهَ جا، ھئَي ھئَي ڪَندا ھيڪائِي،
آئُون سِنڌِي ھُو عَرَبِي، ڪِيئَن پَرُوڙِبِي وائِي.
[ سُر آسا، وايون، 5 ]