طَعنا بابت
معنيٰ
مهڻا، اوڀالا، تُنڪا، اوڀالا.
Blames, reproaches, taunts, scolding, abusing.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَرَڻَ جا طَعنا، سُھِما ڏِينمِ سَرَتِيُون، دَرياھَ ديوانا، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو، مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ، اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان، واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ، تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون، راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِھُون مَذڪُورَ، طَعنا ڏِينھُون تُورَ، آءُ تَہ پِرِين پَرچُون پاڻَ ۾.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ، سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ، گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين، مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي، راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين…[ سُر راڻو - وايون ]
- اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي، پَٿَرِ وارَ…[ سُر راڻو - وايون ]
- عَلِيءَ جي مَيدانَ ۾، ويٺا ڌُوڻِ ڌُڻِي، تَرَڪُ ڪِئائُون تَڪِيا، پَريُون پَنڌُ سُڻِي، ڪَندِي ڪوھُ دُڻِي، طَعنا ڏيئِي تَنِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]