طَعنا جي سنڌي معنيٰ
مهڻا، اوڀالا، تُنڪا، اوڀالا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blames, reproaches, taunts, scolding, abusing.
طَعنا جا بيتن ۾ حوالا
تَرَڻَ جا طَعنا، سُھِما ڏِينمِ سَرَتِيُون،
دَرياھَ ديوانا، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 19 ]
دَرياھَ ديوانا، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 19 ]
مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو،
مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻائِيين سُورَ جِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 2 ]
مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻائِيين سُورَ جِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 2 ]
سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان،
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ،
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]
سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون،
راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِھُون مَذڪُورَ،
طَعنا ڏِينھُون تُورَ، آءُ تَہ پِرِين پَرچُون پاڻَ ۾.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 9 ]
راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِھُون مَذڪُورَ،
طَعنا ڏِينھُون تُورَ، آءُ تَہ پِرِين پَرچُون پاڻَ ۾.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 9 ]
مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين،
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي،
پَٿَرِ وارَ وِڇايان، آئُون رِيجِهي راڻي کي،
کارايان کِيرولِيُون، آئُون چارِيان چانگي کي.
[ سُر راڻو، وايون، 7 ]
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي،
پَٿَرِ وارَ وِڇايان، آئُون رِيجِهي راڻي کي،
کارايان کِيرولِيُون، آئُون چارِيان چانگي کي.
[ سُر راڻو، وايون، 7 ]
عَلِيءَ جي مَيدانَ ۾، ويٺا ڌُوڻِ ڌُڻِي،
تَرَڪُ ڪِئائُون تَڪِيا، پَريُون پَنڌُ سُڻِي،
ڪَندِي ڪوھُ دُڻِي، طَعنا ڏيئِي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 2 ]
تَرَڪُ ڪِئائُون تَڪِيا، پَريُون پَنڌُ سُڻِي،
ڪَندِي ڪوھُ دُڻِي، طَعنا ڏيئِي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 2 ]
English Meaning
Blames, reproaches, taunts, scolding, abusing.