طالِعُ بابت
معنيٰ
برج. بخت، نصيب، ڀاڳ، قسمت، ستارو.
The star or zodiac that rises from the east at the time of birth, star, destiny, fate, lot, fortune.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران، اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو وَرَقُ وِصالَ جو، تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- وَڏو طالِعُ تو، لَڳِينءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سَسُئِي اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو، ويٺِي ھِتِ مَ ھو، ھَلين تَہ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو، تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو، جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو، آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]