صُلِحُ بابت
معنيٰ
چڱو ٿيڻ ميل، ميلاپ، اتحاد، ٻڌي، ٺاھُ، ٺَھراءُ، سلوڪ، موافقت، راضپو. راضي نامو، پرچاءُ، سرچاءُ. اَمنُ، اَمانَ، آشتي، سلامتي. سُک، آنند، آرام، قرار.
Peace, calmness, harmony, goodwill, unity, agreement.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلِحُ ساھَڙَ جو، اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو، ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- صُلِحُ ڪَرِ سُلطانَ سين، ڪَڍِي گَهلِ گهَران، تَہ تُون تَھِين داران، ڏِھاڻِي ڏارَ لَھين.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- صُلِحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سي، الَّذِينَ آمَنُوا وَڪَانُوا يَتَّقُونَ ، اِنَ پَرِ اُڀا جي، نيئِي نُوڌي تي، ڏِکِي…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون، لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ، صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ، حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]