سُھاڳُ بابت
معنيٰ
سڀاڳ، بخت، ڀاڳ، خوشحاليءَ سٺي قسمت، پيار، قرب، محبت. مڙس جو پَرڻي وارو پيار، مڙس جي حياتيءَ تائين پائڻ جو ڳھُ. نَٿَ، پوپو. مانگهہ ڪوڪو وغيرہ. مڙس جي زندہ هئڻ جي نشاني. خاوند يا گهر وارو.
A husband. Good fortune, the affection of a husband.
بيتن ۽ وائين ۾
- راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ ۾ اَٿُون داڳُ، وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ، مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن راڻي گهَرِ راڄِيُون، مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ، تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ، ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ، سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ لاھُو داسَڙو، گهورِئو سو سُھاڳُ، جَنھِن ۾ پَسِين پاڻَ کي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ، ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جَي مُون کي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي وَرَ وِھارِيين، مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سُھاڳُ، اَجهو تُون آڳُ، وَڏو آھِينمِ وَلَها.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ، سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڪِي سُمُهہ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]