سَرَتِنِ بابت
معنيٰ
سنگتياڻين، ادين، جيڏين، ننڍي ھوندي کان گڏ سکين، سَکين، ڀينرن.
Friends, pals, childhood friends. (Only used in female to female friends in Sindhi language.)
بيتن ۽ وائين ۾
- جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو، پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو، مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، جَي تِھَڙِي مِلان تَنِ کي، ڦِران ڦَرَ چارِيان، ھِنيُون چَئيمِ ھِيئَن، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، ڪاڻِ لَھَندِيَمِ ڪِيئَن،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ، تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ، غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آھِمِ اُٺي مِينھَڙين، سَمُنَ سَرَتِنِ ساڻُ، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، وَڃِي ويڙِهيچَنِ ۾.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ، آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ، چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ، ڪَنڊا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي، سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ، ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سَتِيُنِ ڳالِهہ سُئِي، تَڏِهِين سَرَتِنِ سِنجَڻُ ڇَڏيو، ماڙيچِي ماڙِيين، ڪَڏِهِين ڪانَہ هُئِي، عُمَرَ آئُون نَہ مُئِي، اِنَ اوڀالا اَڳَھِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جو، مُون وَٽِ ڪو آيو، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئو سَڀَ ڏيھُ سَوائو، ٻاجَهرِ پَڪِي ٻاجَهہ ٿِي،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]