سوجِهرو بابت
معنيٰ
روشني، روشنائي، شعاعُ. سوجهاڪو، سھائي، چٽائي. هوشياري. سوڀ، ڪاميابي.
Light, visibility, victory.
بيتن ۽ وائين ۾
- ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ، جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ، ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا، سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ، اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ، سَرَھو…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- تانۡ تانۡ ڪَرَھَلُ ڪاھِ، جانۡ جانۡ آھي سوجِهرو، مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو، ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]