سوجِهرو جي سنڌي معنيٰ
روشني، روشنائي، شعاعُ. سوجهاڪو، سھائي، چٽائي. هوشياري. سوڀ، ڪاميابي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Light, visibility, victory.
سوجِهرو جا بيتن ۾ حوالا
ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
تانۡ تانۡ ڪَرَھَلُ ڪاھِ، جانۡ جانۡ آھي سوجِهرو،
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 18 ]
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 18 ]
لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو،
ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 16 ]
ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 16 ]
English Meaning
Light, visibility, victory.