ساجَنُ بابت
معنيٰ
محبوب، پرين، سُپرين، دل گهريو، پيارو، دلبر، جاني، سڄڻ، دوست، يار. خاوند، مڙس، ڪانڌ، ڀتار. سائين، مالڪ. خداوند، پروردگار.
A lover, sweetheart.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ، مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ، خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو، پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو، ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ھِتان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون، ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- گُئاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَرواڻَن جو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ، لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ، ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ، اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، وَڃي ساجَنُ سُوٺائُون، مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرچِي آيُون.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]