ساجَنُ جي سنڌي معنيٰ
محبوب، پرين، سُپرين، دل گهريو، پيارو، دلبر، جاني، سڄڻ، دوست، يار. خاوند، مڙس، ڪانڌ، ڀتار. سائين، مالڪ. خداوند، پروردگار.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A lover, sweetheart.
ساجَنُ جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ،
ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ،
ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 33 ]
ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ،
ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 33 ]
مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو،
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
ھِتان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون،
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]

گُئاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَرواڻَن جو،
آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ،
لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي رَند نِھارِين روشُ،
ساجَنُ ٿِئو سِرَ پوشُ، پَنڌَ ۾ پِيادِنِ جو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 13 ]
آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ،
لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي رَند نِھارِين روشُ،
ساجَنُ ٿِئو سِرَ پوشُ، پَنڌَ ۾ پِيادِنِ جو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 13 ]
نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان،
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، وَڃي ساجَنُ سُوٺائُون،
مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرچِي آيُون.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 22 ]
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، وَڃي ساجَنُ سُوٺائُون،
مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرچِي آيُون.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 22 ]
ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]
English Meaning
A lover, sweetheart.